عبداللطيف عرشي

عبداللطيف عرشي: مولانا عبداللطيف عرشي ولد محمد لقمان عباسي، 1959ع ۾ نرڇ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪري 1973ع ۾ دستاربند عالم ٿيو. ان کانسواءِ ايم. ايڊ ۽ ايم. اي جون سندون پڻ حاصل ڪيائين. هيءُ هڪ پرسوز نعت خوان پڻ آهي. سندس آواز ۾ چاليهه کان مٿي ڪئسٽون اچي چڪيون آهن، سندس شاعريءَ ۾ مولودن، ڪافين، مرثين ۽ قصيدن تي مشتمل ڪتاب ’چنڊ چوانءِ سچ‘، ’مديني جا موتي ۽ ’عرشي جا آواز‘ ڇپيل آهن.


لفظ عبداللطيف عرشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو